اختيار علي خشڪ

اختيار علي خشڪ

اختيار علي خشڪ

اختيار علي خشڪ (راڳي): اختيار علي ولد ولي محمد خشڪ ڳوٺ حمزو خشڪ لڳ خدا آباد ضلع دادوءَ ۾ 1974ع ۾ ڄائو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتائين. راڳ جي لگار ننڍي هوندي کان لڳل هيس. پهريائين، خان خشڪ'>حاجي خان خشڪ کان راڳ سکيو. پوءِ جيئن شوق وڌندو ويس ته سکيا به مختلف استادن کان ورتائين. حافظ محمد اسحاق ٽلٽيءَ وارو راڳداريءَ جو وڏو ڄاڻو هو، جنهن وٽ پڻ راڳ سکيو، موري واري امانت علي کان ڳانو ٻڌرايائين. آخر ۾ گلزار علي خان وٽ پهتو. 2003ع ۾ ريڊيو تي نصير مرزا متعارف ڪرايس. ساڳي سال ٽي وي تي ڪچهري پروگرام ۾ سيد صالح محمد شاهه جي معرفت ڳايائين. سڌو گيت غزل ۽ يڪتاري تي ڪافي ڪلام سٺو ٿو ڳائي. سندس شاگردن جو انگ به ڪافي آهي، جن ۾ عبدالغفور جسڪاڻي، محمد قاسم فاروقي، عبدالسعيد خشڪ وغيره اچي وڃن ٿا. جلال کٽي ايوارڊ ۽ خداآباد سگا ايورڊ ماڻيا اٿس.
عابده پروين، محمد يوسف، محمد شفيع، ٿر وارو ۽ فتح علي خان فنڪارن ۾ وڻندا اٿس. استاد بخاريءَ کي گهڻو ڳايو اٿس. اڙانه ڪي بهار سندس پسند جي راڳڻي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.00.00  عيسوي

اختيار علي خشڪ (راڳي): اختيار علي ولد ولي محمد خشڪ ڳوٺ حمزو خشڪ لڳ خدا آباد ضلع دادوءَ ۾ 1974ع ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسرت موهاني مولانا
خانبهادر غلام علي نانا
سردار سلطان احمد خان
چوڌري محمد علي
استاد ببر علي
بهروز سبزواري
صدام حسين
رشدالله شاهه امروٽي
ڌڻي بخش مهر مولانا
پير شيخ جيئو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون